150 تولا سون چوري ڪرڻ واري بھارتي اداڪارا گرفتار ٿيڻ بعد سون واپس گھرڻ تي آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
150 تولا سون چوري ڪرڻ واري بھارتي اداڪارا گرفتار ٿيڻ بعد سون واپس گھرڻ تي آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. سائوٿ انڊين جي اداڪارا ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر سوميه شيٽي کي مبينا طور تي 150 تولا سون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪارا سوميه شيٽي کي مبينا طور تي 150 تولا سون جي چوري جي الزام ۾ پوليس گرفتار ڪيو آھي، سوميه جي خلاف سون چوري جي شڪايت ريٽائرڊ سرڪاري ملازم پرسادبابو جي طرفان داخل ڪرائي وئي هئي. پرساد ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته سوميه سان دوستي ھڪ فلم جي آڊيشن ۾ ٿي هئي، سوميه گھر ايندي هئي ۽ گھر جو واش روم به استعمال ڪيو. ايف آءِ آر ۾ فريادي پرساد چيو ته شادي تان واپسي تي خبر پئي ته گھر مان سون چوري ٿي ويو آھي ۽ سون چوري ڪرڻ ۾ سوميه شيٽي جو ھٿ آھي. پوليس فنگرپرنٽس ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان سوميه شيٽي سميت 11 ماڻھن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي . پوليس جاچ دوران 74 گرام سون حاصل ڪري ورتو آھي. سوميه پوليس کي ڌمڪي ڏني ته ھو باقي سون واپس نه ڪندي ۽ زبردستي ڪرڻ جي صورت ۾ آپگهات ڪندي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
15%
4m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون