وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن، قاضي فائز عيسيٰ رقم کي حڪومت جي ملڪيت قرار ڏنو، حڪومت کي مليل رقم مان دانش يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي، يونيورسٽي ۾ قابل، ذهين ۽ حقدار شاگردن جي داخلا مفت هوندي.
اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي آف ايمرجنگ سائنسز جي سائٽ ريويو تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ تعليم لاءِ ڪم نه ڪيو ته سائو جهنڊو پنهنجي مقام تي نه پهچندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سٺا درسگاهه موجود آهن پر تحقيق ۽ ماڊرن سائنسز جي حوالي سان ملڪ ۾ اهڙو درسگاهه موجود ناهي، نوجوانن کي تعليم جي موقعن جي فراهمي ترجيح آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن.
هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ رقم کي حڪومت جي ملڪيت قرار ڏنو، حڪومت کي مليل رقم مان دانش يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته يونيورسٽي ۾ قابل، ذهين ۽ حقدار شاگردن جي داخلا مفت هوندي، دانش يونيورسٽي دنيا جي بهترين تعليمي ادارن سان مقابلو ڪندي.