- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن اتفاق نه پر سوچيل سمجهيل منصوبو هو، بند لفافي ۾ منظوري اهو وٺندو آهي ته جنهن کي ڊپ هجي، طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪرپشن کي اسلامي ٽچ ڏيڻ پي ٽي آءِ جي واردات جو طريقو آهي، پي ٽي آءِ وارا ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران ڊيل جو تاثر ڏين ٿا.
اسلام آباد ۾ سينيٽر طلال چوڌريءَ سان گڏ پريس ڪانفرنس سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ٿيڻو هو پر جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيا.
هن چيو ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ ڇهن ورهين تائين غير حاضري ۽ دير جا طريقا استعمال ڪيا ويا، توشا خانه ڪيس ۾ به ائين ڪيو ويو، بي گناهه ماڻهو ڪڏهن به وڪالت نامه ۽ وڪيل تبديل ناهن ڪندا.
عطا تارڙ چيو ته عدالتي ڪيسن ۾ دير ڪرڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي، کين ڪابينا ۾ بند لفافا کڻي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پي ٽي آءِ دور جي ڪابينا 190 ملين پائونڊ جي ڌاڙي جي منظوري ڏني، بند لفافي ۾ حقيقتون ٻڌائڻ کانسواءِ فيصلو ڪيو ويو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس پاڪستان جي تاريخ جو ميگا ڪرپشن ڪيش آهي، هيري جون منڊيون ۽ القادر ٽرسٽ لاءِ زمين به ان ڪيس سان ڳنڌيل آهي، اهو رڳو اتفاق نه پر سوچيل سمجهيل منصوبو هو.
عطا تارڙ چيو ته بند لفافي ۾ منظوري اهو وٺندو آهي ته جنهن کي ڊپ هجي، اهڙيءَ ريت اربين رپيا معاف ڪرڻ جي تاريخ نه ٿي ملي، فراڊ ٽرسٽ ذريعي ڪاري ناڻي کي اڇو ڪيو ويو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري توشا خانو ڦري ويا، تحريڪ انصاف وارا ان ڪري ڀڄي رهيا آهن، جو کين خبر آهي ته سندن هٿ ڪرپشن سن رڱيل آهن.
ان موقعي تي طلال چوڌري چيو ته ڪرپشن کي اسلامي ٽچ ڏيڻ پي ٽي آءِ جي واردات جو طريقو آهي، پي ٽي آءِ وارا ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران ڊيل جو تاثر ڏين ٿا.
هن چيو ته نوازشريف جي خاندان سياسي انتقام جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، نوازشريف فيصلو ٻڌڻ لاءِ برطانيا کان پاڪستان آيو، پر هڪ شخص ان قابل ناهي جو ڪجهه قدم هلي اچي عدالت ۾ پيش ٿئي.- Advertisement -
