تازه ترين

21 آڪٽوبر تي نوازشريف واپس ايندو هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريندا: احسن اقبال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي نوازشريف واپس ايندو، هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريندا

ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته نوازشريف جي واپسي هڪ وڏي اهميت اختيار ڪري وئي آهي، 2013ع ۾ به نوازشريف کي ڏکيون حالتون ورثي ۾ مليون هيون.

هن چيو ته 2017ع تائين مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽  بيروزگاري جو خاتمو آندو ويو، پر بدترين سازش ذريعي نوازشريف کي نااهل ڪيو يوو، سازشي ڪردار پاڻ شاهدي ڏئي چڪا آهن نوازشريف خلاف سازش ٿي.

احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري رهيو هو ته هو رڙيون ڪري رهيا هئا ته اهو غريبن جي مستقبل سان سودو ڪري رهيا آهن، ان جو نتيجو بدترين مهانگائي جي صورت ۾ نڪتو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ عوام پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪيل معاهدي جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
scattered clouds
32.5 ° C
32.5 °
32.5 °
13 %
2.3kmh
41 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون