تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

27هين آئيني ترميم آڻي صوبن جي خودمختياري تي رات جي اونداهي ۾ ڌاڙو هنيو پيو وڃي: زين شاهه

- Advertisement -
سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي صدر ۽ درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته 27هين ترميم آڻي صوبن جي خودمختياريءَ تي راتاهو هنيو پيو وڃي، ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ طرف ڌڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته 27هين ترميم صوبن جي مالي معاملا، تعليم صحت، آدمشماري ۽ عدليا تي ڪنٽرول ڪرڻ جي خطرناڪ شازش آهي، جنهن ۾ پ پ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته 27 هين ترميم ذريعي سنڌ جي وحدف، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياريءَ تي حملو ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام سخت مزاحمت ڪندو. سيد زين شاهه چيو ته ترميم ارڙهين ترميم کي بي اثر بڻائڻ ۽ صوبائي اختيار هڙپ ڪرڻ جي منظم ڪوشش آهي. ايس يو پي جي صدر چيو ته پ پ اقتدار خاطر فيڊريشن ۾ قومي خودمختياري، وسيلن جي نيلامي ۽ ٻيا اهڙا کڻندي آهي. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي پ پ اقتدار حاصل ڪري ماڻهن کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائيندي، ماضيءَ ۾ به پ پ اهڙا قدم کڻندي رهي آهي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ يونائٽيڊ پارٽي 27هين ترميم جي سخت مخالف ڪري ٿي ۽ ان خلاف هر سياسي، قانوني ۽ عوام محاذ تي جدوجهد جاري رکندي. ايس يو پي جي صدر چيو ته 27هين ترميم منظور ڪئي وئي ته اها پاڪستان جي وفاقي ڍانچي لاءِ سنگين خطرو ثابت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته صوبائي خودمختياري ۽ وسيلن تي صوبن کي حق ملڻ کانسواءِ نه جمهوريت مضبوط ٿيندي نه ئي فيڊريشن هلي سگهي ٿي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون