- Advertisement -
سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي صدر ۽ درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته 27هين ترميم آڻي صوبن جي خودمختياريءَ تي راتاهو هنيو پيو وڃي، ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ طرف ڌڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته 27هين ترميم صوبن جي مالي معاملا، تعليم صحت، آدمشماري ۽ عدليا تي ڪنٽرول ڪرڻ جي خطرناڪ شازش آهي، جنهن ۾ پ پ برابر جي شريڪ آهي.
هن چيو ته 27 هين ترميم ذريعي سنڌ جي وحدف، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياريءَ تي حملو ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام سخت مزاحمت ڪندو.
سيد زين شاهه چيو ته ترميم ارڙهين ترميم کي بي اثر بڻائڻ ۽ صوبائي اختيار هڙپ ڪرڻ جي منظم ڪوشش آهي.
ايس يو پي جي صدر چيو ته پ پ اقتدار خاطر فيڊريشن ۾ قومي خودمختياري، وسيلن جي نيلامي ۽ ٻيا اهڙا کڻندي آهي.
هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي پ پ اقتدار حاصل ڪري ماڻهن کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائيندي، ماضيءَ ۾ به پ پ اهڙا قدم کڻندي رهي آهي.
سيد زين شاهه چيو ته سنڌ يونائٽيڊ پارٽي 27هين ترميم جي سخت مخالف ڪري ٿي ۽ ان خلاف هر سياسي، قانوني ۽ عوام محاذ تي جدوجهد جاري رکندي.
ايس يو پي جي صدر چيو ته 27هين ترميم منظور ڪئي وئي ته اها پاڪستان جي وفاقي ڍانچي لاءِ سنگين خطرو ثابت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته صوبائي خودمختياري ۽ وسيلن تي صوبن کي حق ملڻ کانسواءِ نه جمهوريت مضبوط ٿيندي نه ئي فيڊريشن هلي سگهي ٿي……….
- Advertisement -
