تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

27هين ترميم اڃا قطعي شڪل اختيار ناهي ڪئي، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي صلاح مشورا جاري آهن: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 27هين ترميم اڃا قطعي شڪل اختيار ناهي ڪئي، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي صلاح مشورا جاري آهن، دفاعي گهرجون تبديل ٿي رهيون آهن، سمورو ڪم گڏيل صلاح مشوري سان ٿيندو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته سينيٽ ۽ صدارتي اليڪشن سميت ٻيا مونجهارا نه اچن ان ڪري جهولَ ختم ڪرڻا آهن. هن چيو ته ججن جي بدليءَ وارو معاملو جڊيشل ڪميشن حوالي ڪيو ويندو. خواجه آصف چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، دفاعي گهرجون تبديل ٿي رهيون آهن، سمورو ڪم گڏيل صلاح مشوري سان ٿيندو. بچاءَ واري وزير چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم فائنل ٿيڻ تائين هو ڪجهه به نه چوندو. خواجه آصف چيو ته آئيني ڪيس 6 سيڪڙو هجڻ باوجود وقت وٺن ٿا، جيڪي جج معمول جا ڪيس ٻڌن ٿا اهي ئي آئيني ڪيس به ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته بئنچون ٺاهي بهتري آندي پئي وڃي، پر تنقيد ٿيندي آهي ته ڪورٽ اندر ڪورٽ ٺهي وئي آهي، هڪ تجويز آهي ته هڪ ڌار آئيني عدالت هجي جنهن ۾ هر صوبي جي نمائندگي هوندي. خواجه آصف چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ تي ڊيڊ لاڪ جو معاملو ٽئين اداري وٽ هليو ويندو، ڪي پي اليڪشن ۾ دير ٿيڻ سبب آئيني مونجهارا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
35 %
1.7kmh
99 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون