تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

27هين ترميم جو قطعي مسودو اڃا تائين سامهون ناهي آيو نه ئي قطعي ڊرافٽ پ پ حوالي ٿيو آهي: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو

- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ خلاف ۽ آئين هڪ طرفي طور تبديل ڪرڻ جو فيصلو قبول ناهي، نوان صوبا نه پيا ٺهن، وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته چانورن جو في مڻ امدادي اگهه مقرر ڪري رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن بحال ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار احمد کهڙي چيو ته ارڙهين ترميم آئين جو حصو آهي، جنهنجي منظوريءَ لاءِ نيشنل ڪميٽي جوڙي سمورين پارٽين جي اتفاقِ راءِ سان منظور ڪري ان کي آئين جو حصو بڻايو ويو، جنهن کي ڪو ڊڪٽيٽر به ختم ناهي ڪري سگهيو، پ پ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ خلاف آهي. هن چيو ته 27هين ترميم جو قطعي مسودو اڃا تائين سامهون ناهي آيو نه ئي قطعي ڊرافٽ پ پ حوالي ٿيو آهي، وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي وفد بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي قيادت سان ڪجهه نقطن تي ڳالهيون ڪيون، پ پ جي سي ايِ سي جي اجلاس ۾ ترميم تي غور ڪيو ويندو. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته 27هين آئيني ترميم جي قطعي مسودي بابت عوام کي خبر هجڻ گهرجي. نثار کهڙي چيو ته نوان صوبا نه پيا ٺهن، آئين کي ڪير به هڪ طرفو تبديل نٿو ڪري سگهي. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته صدارتي نظام جي آئين ۾ ڪا به گنجائش ناهي، جيڪي ماڻهو صدارتي نظام جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان ناهي پڙهيو ته کين سياست کان پري رکيو وڃي؟ پ پ سنڌ جي صدر چيو ته ٻن ورهين کان آبادگار پريشان آهن، ملڪ جي زراعت جي ترقي مائنس 3 سيڪڙو آهي، هو وزيراعظم شهبازشريف کان رائس ايڪسپورٽ بحال ڪرڻ ۽ آر بي او ڊي منصوبو مڪمل ڪرائڻ جي گهر ڪري ٿو. نثار احمد کهڙي چيو ته وفاقي حڪومت هڪ طرف ايڪسپورٽ وڌائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي ڪچو مال فراهم ڪندڙن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
49 %
1.2kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون