تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

27هين ترميم وفاق لاءِ خطرو آهي، آئين ۾ ترميم ايوان جو حق آهي پر موجوده ماڻهن جو مينڊيٽ جعلي آهي، ملڪ ۾ پراڏو آهي ته وفاق صوبن تي حملو پيو ڪري: بئريسٽر گوهر

- Advertisement -
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته 27هين ترميم وفاق لاءِ خطرو آهي، آئين ۾ ترميم ايوان جو حق آهي پر موجوده ماڻهن جو مينڊيٽ جعلي آهي، ملڪ ۾ پراڏو آهي ته وفاق صوبن تي حملو پيو ڪري، ڪجهه ماڻهن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا ته وفاق خطري ۾ اچي ويندو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته سموري ملڪ ۾ هلچل آهي ته وفاق صوبن تي حملا ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت 16 سيٽن سان حڪومت سنڀالي هئي. هن چيو ته آئين ۾ ترميم سنجيده معاملو آهي، ڀارت جي آئين ۾ هيل تائين 106 ترميمون ٿيون آهن، قوم جي ضرورت موجب ترميم ٿيندي آهي، ارڙهين ترميم گڏيل طور منظور ٿي، جنهن تي ماڻهن خوشيون ملهايون، 26هين ترميم جي چئن شقن تي کين سخت اعتراض آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته 27هين آئيني ترميم وفاق لاءِ خطرو آهي، صوبا 11هين اين ايف سي ايوارڊ جو انتظار ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ پراڏو آهي ته وفاق صوبن تي حملو پيو ڪري، ڪجهه ماڻهن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا ته وفاق خطري ۾ اچي ويندو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
35 %
1.7kmh
99 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون