تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

3 ملڪن کي ڳنڍيندڙ هڪ منفرد پل

- Advertisement -
هونئن ته اوهان اڪثر پل هڪ کان ٻئي شهر يا ملڪ کي ملائڻ لاءِ تعمير ڪيا ويندا آهن. پر ڇا اوهان اهڙي منفرد پل کان واقف آهيو جيڪو هڪ ئي وقت ٽن ملڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو هجي؟ ٿري ڪنٽريز نالي پل ٽن يورپي ملڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو آهي جنهن سان سياح هڪ ڏينهن ۾ 3 ملڪن جو سير ڪري سگهن ٿا. هي دنيا جو سڀ کان ڊگهو سنگل سسپينشن پل آهي جيڪو رائن درياهه مٿان تعمير ڪيو ويو آهي. 90 لک يورو جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ پل سوئٽزرلينڊ، جرمني ۽ فرانس کي پاڻ ۾ ملائيندو آهي. سوئس شهر باسل کان اوهان هن پل ذريعي فرانس جي علائقي Huningue ۽ جرمن خطي weilam Rhein ۾ وڃي سگهو ٿا. درياهه مٿان پل جي حصي ۾ ڪو مڪزي ٿنڀو موجود نه آهي ۽ ان لاءِ اهو جديد انجنيئرنگ جو شاهڪار سمجهيو ويندو آهي. اهو برج پيادل هلندڙ ۽ سائيڪل تي سفر ڪندڙ ئي استعمال ڪري سگهن ٿا. اهو پل 248 ميٽرن تائين پکڙيل آهي جنهن جي تعمير 2007ع ۾ مڪمل ٿي هئي. ان جي تعمير تي 1012 ٽن اسٽيل، 1789 ڪيوبڪ ميٽر ڪنڪريٽ ۽ 805 ميٽر تارون استعمال ٿيون هيون. ان پل تان درياهه جو نظارو تمام خوبصورت آهي ۽ سياح ان کي ڏسي دنگ رهجي ويندا آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون