تازه ترين

30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، غريب خاندانن کي پهريان سولر سسٽم فراهم ڪيا ويندا: صوبائي وزير ناصر شاهه

- Advertisement -
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته 30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، غريب خاندانن کي پهريان سولر سسٽم فراهم ڪيا ويندا. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته بجيٽ ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عام ماڻهو جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اليڪشن دوران بلاول ڀٽو زرداري جيڪو واعدو ڪيو ان کي پورو ڪيو پيو وڃي، مفت بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ منصوبا تيار ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته 30 لک گهرن ۾ بجلي ناهي، پهريان انهن خاندانن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي، انتهائي غريب خاندانن کي هڪ پکو ۽ 3 بلب هلائڻ لاءِ پهريان سولر سسٽم فراهم ڪندا. ناصر شاهه چيو ته وچولي طبقي کي به سپورٽ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، وچولي طبقي وارا خاندان جيڪي پاڻ سولر سسٽم لڳائڻ چاهين انهن لاءِ قرض اسڪيم ٺاهي رهيا آهن، سولر سسٽم لاءِ قرض جو وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي وفاقي بجيٽ تي خدشا آهن، سنڌ سان گذريل ڏهاڪي ۾ وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي، ٻين صوبن ۾ کربين رپين جا ڪم ٿيا آهن، سنڌ کي ٻه ٽي سيڪڙو کان وڌيڪ پي ايس ڊي پي ۾ حصو نه ڏنو ويو. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ڪراچيءَ لاءِ جيڪا بجيٽ رکي وئي آهي ان ۾ اربين رپين جو ڪم ٿي رهيو آهي. وفاقي بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اميد ته جڏهن بجيٽ پاس ٿيندي ته پ پ جي سفارشن تي ٽيڪس شرح گهٽ ٿيندي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته مخالف ڌر طرفان احتجاج ملڪي مسئلن جو حل ناهي، باني پي ٽي آءِ جو الميو آهي ته هر ڳالهه سندس ذات تائين گهمي ٿي، اميد ڪن ٿا ته پي ٽي آءِ باني جيل مان ڪجهه سکي ايندو. هن چيو ته عيد تي شهيدن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.8kmh
15 %
آچر
23 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون