- Advertisement -
فٽيجز…..
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته افغان رجيم نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، هلندڙ سال مجموعي طور هڪ هزار 873 دهشتگردن مارجي ويا جن ۾ 136 افغاني شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، 25نومبر 2025ع تي ڊي جي آءِ ايس پي آر سينيئر صحافين سان ملڪي سلامتي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ 67 هزار 23 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا، ڪي پي صوبي ۾ 12 هزار 857 ۽ بلوچستان ۾ 53 هزار 309 آپريشن ڪيا ويا، هلندڙ سال مجموعي طور هڪ هزار 873 دهشتگردن مارجي ويا جن ۾ 136 افغاني شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته 4 نومبر 2025ع کان هن وقت تائين دهشتگردي خلاف 4 هزار 910 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا، جنهن دوران 206 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بارڊر مينجمنٽ تي سڪيورٽي ادارن بابت گمراهه ڪندڙ واويلا ڪئي ويندي آهي، پاڪ افغان بارڊر ڏکئي رستن تي ٻڌل آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته ڪي پي ۾ پاڪ افغان سرحد هڪ هزار 229 ڪلو ميٽر تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 20 ڪراسنگ پوائنٽس آهن، بارڊر تي پوسٽن جو فاصلو 20 کان 25 ڪلو ميٽر تائين به آهي.
هن چيو ته بارڊر فينس ان وقت تائين هاڪاري نٿا ٿي سگهن جيستائين اهي آبزرويشن ۽ فائر کان ڪور نه هجن، جيڪڏهن 2 کان 5 ڪلو ميٽر کانپوءِ قلعو ٺاهيندا ۽ ڊرون سرويلنس ڪن ته ان لاءِ وسيلا گهربل هوندا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي برعڪس ڪي پي ۾ بارڊر جي ٻنهي پاسي ڳوٺ آهن، اهڙي صورتحال ۾ اچ وڃ کي ڪنٽرول ڪرڻ هڪ چئلينج آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته دنيا ۾ بارڊر مينجمنٽ هميشه ٻئي ملڪ گڏجي ڪندا آهن، ان جي ابتڙ افغانستان مان دهشتگردن کي پاڪستان ۾ مداخلت لاءِ افغان طالبان مڪمل مدد ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته افغان بارڊر سان لاڳاپيل علائقا ڏسو ته مشڪل هاڪاري انتظامي ڍانچو گورننس جي مسئلن ۾ اضافي جو سبب آهن، انهن بارڊر ايرياز ۾ انتهائي مضبوط پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم ڳٺ جوڙ آهي، مددگار خارجي دهشتگرد ڪندا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪڏهن سرحد پار کان دهشتگردن جو ٺهڻ، سمگلنگ يا واپار هجي ته ملڪ اندر ان کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟، جيڪڏهن لکين نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون اوهان جي صوبي ۾ گهمي رهيون آهن ته انهن کي ڪنهن کي روڪڻو آهي؟، اهي گاڏيون ان پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم جو حصو آهن جيڪي آپگهاتي حملن ۾ استعمال ٿينديون آهن.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته افغانسان سان دوحا معاهدي بابت پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي، پاڪستان جو موقف آهي ته افغان طالبان رجيم دهشتگردن جي مددگاري بند ڪري، افغانستان ۾ دهشتگردي جا مرڪز، القاعدا ۽ داعش جي قيادت موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته افغانسان مان انهن کي هٿيار ۽ فنڊنگ به ملندي آهي جيڪا پاڪستان خلاف استعمال ٿيندي آهي، هنن افغانستان اڳيان سمورا ثبوت رکيا جن کي هو نظر انداز نٿا ڪري سگهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جو افغان طالبان رجيم کان مطالبو آهي ته هو تصديق جوڳو ميڪينزم تحت معاهدو ڪن، جيڪڏهن تصديق جوڳو ميڪينزم ٿرڊ پارٽي کي رکڻو آهي ته پاڪستان کي ان تي اعتراض نه هوندو، پاڪستان جي هن موقف جي مڪمل آگاهي ٽياڪڙ ملڪن کي به آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته طالبان رجيم طرفان خارجي دهشتگردن کي پاڪستاني قرار ڏيڻ جي دعويٰ غير منطقي آهي، افغان طالبان رجيم ٻڌائي ته ڪهڙي قسم جا مهمان آهن جيڪي هٿيار کڻي اچن ٿا؟.
هن چيو ته طالبان رجيم هن وقت نان اسٽيٽ ايڪٽرز پاليا آهن، نان اسٽيٽ ايڪٽرز خطي جي مختلف ملڪن لاءِ خطرو آهن، پاڪستان جو مطالبو واضه آهي ته افغان طالبان جو عمل هڪ رياست جيان هئڻ گهرجي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دوحا ڳالهين ۾ افغان طالبان عالمي برادري سان پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جو واعدو ڪيو، جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو، افغان طالبان رجيم افغانين جي نمائنده نه آهي ڇو ته اها سمورين قومن جي نمائندگي ناهي ڪندي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته افغانستان جي 50 سيڪڙو عورتن جي نمائندگي جو هن رجيم ۾ ڪوبه وجود نه آهي، سندن افغانين سان ڪو مسئلو ناهي پر سندن مسئلو افغان طالبان رجيم سان آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپار جي بندش جو مسئلو سندن سڪيورٽي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ سان ڳنڍيل آهي، رتوڇاڻ ۽ واپار گڏ نٿا هلي سگهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سندن لاءِ سٺي ۽ خراب دهشگرد ۾ ڪو فرق ناهي، سٺو دهشتگرد اهو ئي آهي جيڪو جهنم ڀيڙو ٿي چڪو آهي، هميشه حق جي باطل تي ڪاميابي ٿيندي آهي، هو حق تي آهن ۽ حق هميشه سوڀارو ٿيندو آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته افغان پناهگيرن جي باعزت واپسي جي عمل تحت 2024ع ۾ 3 لک 66 هزار 704 ماڻهو واپس اماڻيا ويا، 2025ع ۾ 9 لک 71 هزار 604 افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو ويو، رڳو هلندڙ مهيني دوران 2 لک 39 هزار 574 ماڻهو واپس ويا.
ڀارت بابت هن چيو ته هندستان ۾ پاڻ سان دوکي جي سوچ رکندڙ قيادت جي هڪ هٺي آهي، انڊين آرمي چيف جو اهو بيان ته هنن آپريشن سندور دوران هڪ ٽريلر ڏيکاريو پاڻ سان دوکي واري سوچ جو ثبوت آهي جنهن ٽريلر ۾ 7 جهاز تباهه، 26 هنڌن تي حملا، ايس 400 جون بيٽريون تباهه ٿين ته اهڙي ٽريلر تي ٻڌل فلم هنن لاءِ خوفناڪ فلم بڻجي ويندي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن سندور ۾ ٿيل ناڪامي تي بار بار ڪوڙا ڀارتي بيان عوامي ڪاوڙ کي گهٽائڻ لاءِ آهن، ڪوبه ملڪ جيڪڏهن افغان طالبان رجيم کي فوجي سامان فراهم ڪري ٿو ته اهي دهشتگردن جي هٿ ئي لڳڻا آهن.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته پاڪستان ۽ سندس ادارن خلاف زهريلي بيان ڏيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽ پرڏيهه مان هلندا آهن، پاڪستان کان ٻاهر ويهي ڪري هتان جي سياست ۽ ٻين معاملن ۾ زهر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهه مان آپريٽ ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽ هر وقت پاڪستان مخالف بيان ٺاهڻ ۾ رڌل آهن، اها ڳالهه واضح آهي ته جيڪا سوشل ميڊيا پاڪستان ۾ هلي رهي آهي حقيقت ۾ ان پٺيان پرڏيهي هٿ آهن،
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردي تي سمورين حڪومتن ۽ سياسي پارٽين جو اتفاق آهي ته ان جو حل نيشنل ايڪشن پلان آهي، هن پلان تي عمل لاءِ بلوچستان ۾ هڪ مضبوط نظام واضح ڪيو ويو جڏهن ته ڪي پي ۾ ان جي کوٽ نظر اچي ٿي.- Advertisement -
