- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته 4 مهينن جي جنگ کانپوءِ وڌيڪ تبديلي نه آڻڻ جي نيويارڪ ٽائمز جي دعوى غلط آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ ٽائمز جي خبر تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي جنگ کانپوءِ وڌيڪ تبديلي نه آڻڻ جي نيويارڪ ٽائمز جي دعوى غلط آهي.
ٽرمپ چيو ته ايران جي فوج، نيوي ۽ فضائيه ختم ٿي چڪي آهي، لانچنگ پيڊز، ميزائل ۽ ڊرونز جي تياري جي ايراني صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي.
آمريڪي صدر چيو ته ايران جي اعلى قيادت به ختم ٿي چڪي آهي،ايراني معيشت تباهه، مهانگائي 250 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ۾ فوج کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن،هرمز لنگهه کليل ۽ تيل جي سپلاءِ جاري آهي،آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ سطح تي آهي.- Advertisement -
