اسد عمر طرفان پي ٽي آءِ ميمبر شپ تان استعيفيٰ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان

- Advertisement -
تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر مڪمل طور تي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عوامي زندگي بعد هن سياست کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ اسد عمر چيو ته هو پهريان به عوامي سطح تي چئي چڪو آهي ته رياستي ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي سان متفق ناهي ۽ اهڙي پاليسي رياستي ادارن سان سخت ٽڪراءَ جو سبب ٿئي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي هو انهن سمورن ماڻهن جو ٿورائتو آهي جن عوامي زندگي ۾ سندس ساٿ ڏنو خاص طور تي اين اي 54 جي ٽيم ۽ ووٽرن جو ٿورا مڃڻ چاهي ٿو جن کيس ٻيهر چونڊيو. اسد عمر چيو ته هو جنهن تڪ تان چونڊيو ان تڪ جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي الله پاڪ پاڪستان جي قوم تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
44%
2.8m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون