اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سيلڪٽر مقرر

- Advertisement -
اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سيلڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. وهاب رياض جي پهرين اسائمينٽ 14 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۽ نيوزيلينڊ ۾ 12 کان 21 جنوري تائين ٿيندڙ 5 ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جي چونڊ هوندي. وهاب رياض 2008 ۾ پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 27 ٽيسٽ، 91 ون ڊي ۽ 36 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ مجموعي طور تي 237 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ 12 سئو رنسون ٺاهيون. وهاب رياض ٽن عالمي ڪپ کيڏي انهن مقابلن ۾ 35 وڪيٽن سان گڏ پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ ڪامياب بالر رهيو. وهاب رياض جو چوڻ آهي ته قومي سليڪشن ڪميٽي جو سربراهه بڻجڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي،  اهڙي ذميواري ڏيڻ تي هو پي سي بي جي مينجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪا اشرف جا ٿورا مڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ جي معاملن ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽرن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، هو پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
24%
3.7m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون