ڪراچي جي سائيٽ اي ٿاڻي جي حد ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري جي ڪارروائي، 4 دھشتگرد گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي جي سائيٽ اي ٿاڻي جي حد ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري ڪارروائي ڪندي پابندي مڙھيل تنظيم جي چئن دھشتگردن کي گرفتار ڪري 2 نائن ايم ايم ۽ 2 ٽي ٽي پسٽل ھٿ ڪري ورتا. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آھي تھ سي ٽي ڊي سنڌ ۽ وفاقي حساس اداري سائيٽ اي ٿاڻي جي حد ۾ ڳجھي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، آپريشن دوران پابندي مڙھيل لشڪر جھنگوي جي چئن دھشتگردن محمد امين عرف چنگاري، محمد شاھنواز عرف سليم، معاز خان ۽ ياسين خان کي گرفتار ڪيو ويو آھي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آھي تھ گرفتار دھشتگردن وٽان  2 نائن ايم ايم ۽ 2 ٽي ٽي پسٽل ھٿ ڪري ورتا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، گرفتار دھشتگردن پاڪستان بازار ٿاڻي جي علائقي ۾ مولانا رحيم کي قتل ڪيو ھو جنھن جو ڪيس داخل ٿيل آھي جڏھن تھ اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ محمد شميم کي ٽارگيٽ ڪرڻ بعد قتل ڪيو جنھن جو ڪيس داخل ٿيل آھي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آھي تھ منگھو پير واري علائقي ۾ سيد نياز حسين کي ٽارگيٽ ڪرڻ بعد قتل ڪيو جنھن جو ڪيس داخل آھي گرفتار دھشتگردن وٽان وارداتن ۾ استعمال ٿيل ھٿيار ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي آھي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، امين عرف منا ۽ شاھنواز لشڪري جھنگوي جا خطرناڪ دھشتگرد آھن، امين عرف منا قتل ۽ ارادي قتل جي ڪيسن ۾ 9 سال جيل ڪاٽي چڪو آھي جڏھن تھ شاھنواز عرف سليم قتل ۽ ارادي قتل جي ڪيسن ۾ 18 مھينا قيد ڪاٽي چڪو آھي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آھي تھ دھشتگرد اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ لشڪر جھنگوي جي نيٽ ورڪ کي پکيڙڻ چاھن پيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
33%
1.4m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون