پي ٽي آءِ ويھن ڏينھن ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن نھ ڪرائي تھ کيس بيٽ جو نشان الاٽ نھ ڪيو ويندو: اليڪشن ڪميشن

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن غير شفاف قرار ڏيندي چيو آھي تھ پي ٽي آءِ ويھن ڏينھن ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن نھ ڪرائي تھ کيس بيٽ جو نشان الاٽ نھ ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي اليڪشن بابت پي ٽي آءِ کي 2 آگسٽ تي نوٽيس جاري ڪيو ھو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر گوھر ٻڌايو تھ انٽرا پارٽي اليڪشن پارٽي آئين ۾ ترميم کان اڳ ٿي بعد ۾ ترميم واپس ورتي وئي آھي. اليڪشن ڪميشن صائمھ جنجوعا چيو تھ اليڪشن ڪميشن کي اختيار آھي تھ اھا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ کي در گزر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن بابت 13 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو ھو. جاري ڪيل محفوظ فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي غير شفاف قرار ڏيندي ويھن ڏينھن اندر ٻيھر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. فيصلي ۾ چيو ويو تھ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن آئين تحت شفاف نھ ٿي، جيڪڏھن پارٽيءَ ويھن ڏينھن اندر پارٽي اليڪشن نھ ڪرائي تھ اھي بيٽ جي چونڊ نشان لاءِ نااھل ٿي ويندا. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو تھ پي ٽي آءِ آئين موجب شفاف انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رھي، پارٽي چونڊ اعتراض جوڳي ۽ تڪراري آھي، جنھن کي قبول نھ ٿو ڪري سگھجي. فيصلي موجب اليڪشن ڪميشن ڪنھن بھ قدم کان اڳ نرم ورتاءُ ڪري رھي آھي، پي ٽي آءِ ويھن ڏينھن اندر چونڊون ڪرائي نتيجا ستن ڏينھن ۾ جمع ڪرائي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
13 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون