اليڪشن ڪميشن ۽ صدر چونڊن لاءِ 8 فيبروري جي تاريخ ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي: جسٽس اطھر من الله اضافي

- Advertisement -
عام چونڊن جي تاريخ بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطھر من الله اضافي نوٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ صدر چونڊن لاءِ 8 فيبروري جي تاريخ ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، چونڊن ۾ 90 ڏينهن کان دير آئين معطل ڪرڻ برابر آهي، نه جج نه ئي هٿياربند فوج جو ڪو آفيسر آئين کان مٿانهون ناهي، آئين جي ڀڃڪڙي تي آرٽيڪل 6 جو حل موجود آهي، چونڊن ۾ دير تي ڪو شهري عدالت سان رابطو ڪري ته ان جي شڪايت ٻڌڻ گهرجي، ڪيترين ئي  جمهوري رياستن ۾ نگران حڪومتن جو ڪو به تصور ناهي، آئين تحت ملڪ چونڊيل نمائندا ئي هلائي سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊن جي تاريخ بابت ڪيس ۾ جسٽس اطهر من الله پنهنجو اضافي نوٽ جاري ڪيو، جيڪو 41 صفحن تي ٻڌل آهي. اضافي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته قومي اسيمبلي ٽٽڻ بعد عام چونڊون 7 نومبر تائين ٿيڻ آئيني گهرج آهي. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ آرٽيڪل 48 جي شق 5 تحت صدر جو ئي اختيار آهي، اهو يقيني بڻائڻ صدر جي ذميواري هئي ته پاڪستاني ووٽ جي حق کان 90 ڏينهن کان وڌيڪ محروم نه رهن. اضافي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ صدر 8 فيبروري تي عام چونڊن جي تاريخ ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ جي آئيني ۽ عوامي حقن جي ڀڃڪڙي ايتري سنگين آهي، جنهن جو ڪو علاج ناهي. اضافي نوٽ ۾ چيو ويو ته صدر يا گورنر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ذميواري پوري نه پيا ڪن ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو هو. جسٽس اطهر من الله چيو ته صدر ۽ گورنر کي پنهنجي منصب موجب نيوٽرل رهڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن، صدر يا گورنر طرفان ايڪشن نه وٺڻ تي خاموش تماشائي نه ٿي بڻجي سگهي. اضافي نوٽ ۾ چيو ويو ته چونڊن ۾ 90 ڏينهن کان وڌيڪ هڪ ڏينهن به سنگين آئيني ڀڃڪڙي آهي، آئيني ڀڃڪڙي ٿي چڪي، هاڻي ان کي وڌيڪ ٿيڻ کان روڪي به نه ٿو سگهجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ۾ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري نه نڀائي، صدر چونڊن جي تاريخ نه ڏئي پنهنجي آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اضافي نوٽ ۾ چيو ويو ته عوام کي اليڪشن کان پري نه ٿو رکي سگهجي، وقت تي چونڊون نه ٿيڻ عوام جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊون نه ڪرائي عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿي چڪي آهي، 12 ڪروڙ 56 لک 26 هزار 390 رجسٽرڊ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ کان محروم رکيو ويو. هن چيو ته چونڊن ۾ دير کي روڪڻ لاءِ مستقبل ۾ پختا قدم ختم کڻڻ جي ضرورت آهي، آرٽيڪل 224 ايَ جي ڀڃڪڙيءَ جو تدارڪ ممڪن ئي ناهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيڻ بعد  هر گذرندڙ ڏينهن آئين جي ڀڃڪڙي ۾ ڳڻيو ويندو. اضافي نوٽ ۾ چيو ويو ته جبري گمشدگيون ڪرڻ رياست جي  اڻ اعلانيل پاليسي بڻجي چڪي آهي، شخصي آزادي ۽  ذاتي گهرن ۾ مداخلت جون ڪارروايون به معمول بڻجي چڪيون آهن، صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف به ڪارروايون عام آهن. جسٽس اطهر من الله چيو ته ملڪ جي آئيني تاريخ تعريف جوڳي ناهي رهي، سپريم ڪورٽ مولوي تميز الدين ڪيس ۾ نظريه ضرورت اختيار ڪيو، جج يا هٿياربند فوج جو ڪو آفيسر آئين کان مٿانهون ناهي. اضافي نوٽ ۾ چيو ويو ته ڪيترين ئي  جمهوري رياستن ۾ نگران حڪومت جو ڪو به تصور ناهي، نگران حڪومتن جو ڪم رڳو روزانو جا ڪم ڪرڻ آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته نگران حڪومتن جو ڪم نيوٽرل رهي شفاف چونڊن لاءِ ماحول سازگار بڻائڻ آهي، آئين تحت ملڪ چونڊيل نمائندا ئي هلائي سگهن ٿا. اضافي نوٽ ۾ چيو ويو ته چونڊن ۾ دير جي آئيني حق جي ڀڃڪڙي جو ازالو آرٽيڪل 254 سان به ممڪن ناهي، آئين جي ڀڃڪڙي تي آرٽيڪل 6 جو حل موجود آهي، چونڊن ۾ دير تي ڪو شهري عدالت سان رابطو ڪري ته ان جي شڪايت ٻڌڻ گهرجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن دير سان رٿيل عام چونڊن کي شفاف  نموني ڪرائي، اليڪشن ڪميشن چونڊن  صاف ۽ شفاف نه ڪرايون ته آئيني ذميواري جي ادائيگي ۾ ناڪام ٿيندي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون