ن ليگ  ٿر منصوبي تي ڪم بند ڪرايو ھو، حقيقت تي ٻڌل  ڳالھھ ڪرڻ گھرجي: مراد علي شاھھ

- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ن ليگ  ٿر منصوبي تي ڪم بند ڪرايو ھو، حقيقت تي ٻڌل  ڳالھھ ڪرڻ گھرجي، جتي ڪريڊٽ ھجي اتي وٺجي،  ٿرڪول ۾ نوازشريف جو ڪريڊٽ نھ ھجڻ برابر آھي. نوازشريف جي ٿر ڪول منصوبي بابت بيان تي ردعمل ڏيندي سيد مراد علي شاھھ چيو تھ نوازشريف ٿرڪول بابت جيڪو ڪجھھ چيو اھو حقيقت تي ٻڌل ناھي. ھن چيوتھ ٿرڪول 1991ع ۾ دريافت ٿيو ھو، ڪوئلو ھٿ ٿيڻ کي 30، 32 سال ٿيا آھن، نوازشريف 50 ورھين کان خبر ناھي ڪٿان ٻڌندو پيو اچي؟ مراد علي شاھھ چيو تھ ٿرڪول اٿارٽيءَ 1995ع ۾ 10 ھزار 560 ميگا واٽ جي پاور پلانٽن جا ايم او يو تي صحيحون ڪيون، 1995ع ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو ٿر ڪول منصوبي جو افتتاح ڪيو، نواز شريف جي حڪومت ٿر منصوبي تي ڪم بلڪل بند ڪرايو ھو. اڳوڻي وڏي وزير چيو تھ ڪم بند ٿيڻ  سبب منصوبي تي ڪم ڪندڙ پرڏيھي سيڙپڪار ملڪ کان ھليا ويا، 2008ع ۾ جڏھن پ پ جي حڪومت آئي تھ ٻيھر پرڏيھي سيڙپڪارن سان  رابطو ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان پرڏيھي سيڙپڪارن چيو تھ ھاڻي ھو پاڪستان سان ڪم نھ ڪندا. مراد علي شاھھ چيو تھ ان کانپوءِ سنڌ حڪومت پنھنجي ڪول مائننگ ڪمپني ٺاھي، سنڌ حڪومت جي ڪوششن ۽ چين جي دٻاءُ سبب وفاقي سرڪار سنڌ سان ڳالھائڻ شروع ڪيو، وفاق سنڌ حڪومت کي 2015ع يا 2016ع ۾ گارنٽي ڏني ھئي. اڳوڻي وڏي وزير چيو تھ 2013ع جي چونڊن بعد نواز حڪومت ۾ منصوبي تي ڪم سست ڪيو ويو، ٿرڪول ۾ چار پاور پلانٽ لڳي چڪا آھن، جن ۾ ٽن جو افتتاح بلاول ڀٽو زرداري ڪيو ۽ چوٿين جو افتتاح اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دور ۾ ٿيو، 1997ع کان 2008ع تائين ٿرڪول منصوبي تي ڪو بھ ڪم نھ ٿيو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون