اورنگي ۾ واپاري جي گهر مان ڌاڙي جي ڪيس ۾ گرفتار انڊر ٽرينننگ ڊي ايس پي عمير باجاري کي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي اورنگي ۾ واپاري جي گهر مان ڌاڙي جي ڪيس ۾ گرفتار انڊر ٽرينننگ ڊي ايس پي عمير باجاري کي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ اورنگي ۾ واپاري جي گهر مان ڌاڙي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي عمير باجاري، محفوظ حسين ۽ عبدالستار سميت 4 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار عمير باجاري کان ٻن ڏينهن ۾ ڪهڙي جاچ ڪئي آھي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته عمير بجاري جي مدد سان ٻن ٽن هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا اوهان ايس ايس پي عمران قريشي کان جاچ ڪئي؟ جنهن تي جاچ آفيسر  ٻڌايو ته هو ايس ايس پي عمران قريشي کان جاچ ڪرڻ لاءِ ويا، جاچ کانپوءِ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. عمير باجاري جي وڪيل چيو ته ايس ايس پي عمران قريشي جي نشاندهي تي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر عمران قريشي کي ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته اوهان جيڪا جاچ ڪئي اها ڊائري آهي ۽  ڪيترن جوابدارن جا 161 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ڊائري ناهي ۽ نه ئي بيان عدالت ۾ کڻي آيو آهي. عدالت جاچ آفيسر کان جوابدارن جي جاچ بابت ڊائري ۽ بيان طلب ڪري ورتو ۽ اڄ ئي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جاچ آفيسر طرفان جوابدارن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي عدالت جوابدار عمير باجاري کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ محفوظ حسين سميت ٽن جوابدارن کي 26 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
39%
0.2m/s
69%
جمعو
20 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون