تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو، بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي پنهنجي پروفائل تصوير به تبديل ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو، بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي پنهنجي پروفائل تصوير به تبديل ڪري ڇڏي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اختلافن جي افواهن رد ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پروفائل تصوير تبديل ڪري ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم ڇڏي اچتو دبئي پڻ هليو ويو آهي. هواڏنهن پيپلزپارٽيءَ اختلافن واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول وچ ۾ اختلافن جا افواهه بي بنياد آهن، بلاول ڪي پي جو دورو مڪمل ڪري دبئي روانو ٿيو. اڳوڻي وفاقي وزير شازيا مري به اختلافن جي ترديد ڪندي چيو ته بلاول ذاتي مصروفيتن سبب دبئي ويو آهي، هو دبئي ويندو رهندو آهي. هن چيو ته بلاول ڏيهه واپس اچي 30 نومبر تي ڪوئيٽا ۾ پارٽيءَ جي سالگرهه واري جلسي کي خطاب ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
39 %
3.7kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون