- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جن مان 8 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر ۾ لڳل باهه چوٿين، پنجين ۽ ڇهين ماڙ تائين پکڙجي وئي، جنهن سبب ڪيترائي دڪان سڙي رک ٿي ويا آهن.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين 46 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته 8 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
فائر برگيڊ عملدار موجب شاپنگ سينٽر کي لڳل باهه تي ضابطو اچي ويو آهي.
ٻئي طرف سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته عمارت اندر ڦاٿل ماڻهن کي جلد ريسڪيو ڪيو وڃي.
جسٽس (ر) مقبول باقر جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري حڪومت جي آهي، زخمين کي فوري طبي امداد ڏني وڃي. .
چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر فخر عالم پاران به شاپنگ سينٽر کي لڳل باهه جو نوٽيس ورتو ويو آهي.- Advertisement -
