- Advertisement -
دوڙ ۾ پرڻيل عورت کي ڪوڏرون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.
ڳوٺ صوبيدار ۾ جوابدار علي اصغر، ڪوڏرن جا وار ڪري نجمه سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نجمه سولنگي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار علي اصغر، ڪوڏرن جا وار ڪري نجمه سولنگي کي قتل ڪيو آهي.
پوليس موجب، جوابدار علي اصغر سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
