تازه ترين

پاڪ فوج خلاف ڀڙڪائيندڙ ٻن رٽائرڊ فوجي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل

- Advertisement -
پاڪ فوج جي ٻن رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي اهلڪارن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي سزائون ڏنيون ويون ۽ رينڪ ضبط ڪيون ويون. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي ٻن رٽائرڊ آفيسرن ميجر رٽائرڊ عادل فاروق راجا ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا مهدي کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل مڪمل ڪري ٻنهي کي آرمي ايڪٽ تحت سزائون ڏنيون ويون. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، ميجر رٽائرڊ عادل فاروق راجا کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا مهدي کي 12 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سزا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ جاسوسي بابت آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ 1923ع جي قلمن جي ڀڃڪڙي، رياست جي تحفظ ۽ مفاد جي ابتڙ ڪم ڪرڻ تي ٻڌائي وئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، لاڳاپيل عدالت 7 ۽ 9 آڪٽوبر 2023ع تي ٻنهي آفيسرن کي مناسب عدالتي عمل ذريعي ڏوهي قرار ڏنو. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻڌايل سزا موجب 21 نومبر 2023ع تي ٻنهي آفيسرن جون رينڪ ضبط ڪيون ويون آهن. ٻئي اڳوڻا فوجي آفيسر پرڏيهه فرار آهن ۽ کين ڀڳوڙو قرار ڏنو ويو آهي ٻنهي کي ڪورٽ مارشل بعد هاڻي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ انٽرپول ذريعي ڪارروائي ڪئي ويندي. حڪومت طرفان ٻئي آفيسر جن ملڪن ۾ رهن ٿا انهن ملڪن جي حڪومت کي خط لکيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
3.8kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون