- Advertisement -
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو 3 ڊسمبر تي مظلوم نياڻين سان ساٿ جو وچن جي سِري هيٺ ملهائڻ لاءِ هر هنڌ تياريون وڌيڪ تيز ٿي ويون.
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿرپارڪر ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ تياريون جاري آهن.
ٿر جي فنڪارن ڪريم فقير، هيرو لوهار، ذوار فقير، فقير جاويد مراد، زبير فقير، مريم فقير ۽ شڪيلا نون سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران مظلوم نياڻين سان ساٿ جي وچن جي سري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فنڪارن سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز صوبي جي ماڻهن سان هر اشو تي گڏ بيٺي آهي ۽ سدائين سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي آهي.
هنن چيو ته جي ڊبيلو سي سنڌ ۾ نياڻين سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريو ويو آهي ۽ سندن وارثن سان گڏ بيٺي آهي، جي ڊبليو سي سنڌ جي ڀوتارن کي للڪاريو آهي ۽ هر مظلوم سان سان گڏ آهي.
مظلوم نياڻين سان ساٿ جو وچن جي سري هيٺ ثقافتي عيد جون تيارين جي سلسلي ۾ ٿر جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي شين جي خريداري تيز ٿي وئي، ٽوپين جا اسٽال قائم، ڳوٺن ۾ مچ ڪچهريون ۽ اسڪولن ۾ ثقافتي تياريون جاري آهن.
ماتلي ۾ به ثقافتي سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن جڏهن ته سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽر اشرف چانڊيو جي ميزباني هيٺ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي.
سيٺ نانڪ رام کيمناڻي جي اوطاق تي ڪوٺايل مچ ڪچهري ۾ لاڙ پٽي جي ناليوارن سگهڙن ڳجهارتون ڏيڻ سان گڏ بيت پڙهي ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
نوجوان ڪلاسيڪل راڳي راشد علي حيدري، صوفي نارائڻ، لال بخش لنجواڻي ۽ غلام عباس لنجواڻي فن جو مظاهرو ڪري ويٺل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
مچ ڪچهري ۾ سنڌ ٽي وي نيوز حيدرآباد جي بيورو چيف ظفر هڪڙو، اڳوڻي ايم پي اي ڏاڏا محمد هاليپوٽو جي ڪو آرڊينٽر صالح محمد هاليپوٽو، ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين حاجي رضوان احمد قائمخاني، سياسي سماجي اڳواڻن، شاگردن ۽ ٻين شرڪت ڪري 3 ڊسمبر تي ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ ٽي وي نيٽ سان گڏ ملهائڻ جو وچن ڪيو.
سرهاڙي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ثقافتي عيد جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن.
ڳوٺ رستم جمالي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو 3 ڊسمبر تي مظلوم نياڻين سان ساٿ جو وچن جي سِري هيٺ ثقافتي رنگ نکري پيا.
شاگرد ۽ شاگردياڻين سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ قومي لباس پائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
تقريب ۾ اشرف جمالي، استاد سبحان جمالي، ممتاز مغيري، ڪامريڊ علي جمالي ۽ شمن جمالي سميت ٻين شرڪت ڪئي.
استادن ۽ ڳوٺاڻن سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافتي ڏينهن سندن لاءِ عيد جيان ڏينهن آهي، سنڌ ٽي وي نيوز هميشه مظلوم ماڻهن جو آواز اٿاريو ۽ مالڪي ڪئي آهي.- Advertisement -
