تازه ترين

دادو: ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي

- Advertisement -
دادو جي عدالت ميهڙ سانحي ڪيس ۾ هڪ جوابدار جو وڪيل نه هئڻ سبب ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي جج حافظ عطا الله شيخ جي عدالت ۾ ميهڙ سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي جڏهن ته فريادي پرويز چانڊيو عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. الزام ھيٺ آيل اڳوڻو ايم پي اي سردار احمد چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو جڏھن ته برھان چانڊيو پرڏيھه ۾ ھجڻ سبب پيش نه ٿيو. ٻڌڻي دوران ٻئي ڏينهن به ڪيس جي شاهد منظور چانڊيو کان الزام هيٺ آيل ڌر جي وڪيلن پاران 3 ڪلاڪ پڇا ڪئي وئي جڏهن ته هڪ جوابدار جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي شاھد کان آڏي پڇا مڪمل نه ٿي سگهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار ڌر جو هڪ وڪيل نه هئڻ سبب شاهد کان آڏي پڇا مڪمل نه ٿي ۽ عدالت ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته سردارن ۽ ڀوتارن جا رستا تنگ ٿيندا آهن ته هو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، قاتلن ۽ ظالمن کي ڪنهن جا گهر برباد ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ها هاڻي پنهنجن عورتن جا مثال ڏئي کين ڪورٽ کان ڀڄڻو پوي ٿو. ام رباب چانڊيو چيو ته مخالف ڪورٽ کان ڀڄڻ چاهن ٿا جنهن بابت هنن ڪورٽ ۾ آبجيڪشن رڪارڊ ڪرايو آهي، اميد آهي ته عدالتون انصاف ڪنديون. الزام هيٺ آيل سردار احمد چانڊيو چيو ته آڏي پڇا دوران شاهد عدالت سامهون پنهنجي زباني چيو ته سردارن نه ڌمڪي ڏني نه ڪا چُرچ اٿس نه ڪا ڳالهه آ، نه ئي سندن سامهون اهڙي ڳالهه ٿي آهي. سردار احمد چانڊيو چيو ته برهان چانڊيو جي نياڻي بيمار آهي جنهنڪري هو سندس علاج لاءِ پرڏيهه ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
33 %
3.4kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون