تازه ترين

ڪراچي مان پوليس اهلڪار سميت ٻن ڄڻن جا لاش هٿ

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي مختلف علائقن مان پوليس اهلڪار سميت ٻن جا لاش هٿ آيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 جي ساحل اوينيو ۾ خالي پلاٽ تان 41 ورهين جي شخص جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ سردار محمد جي نالي طور ٿي مقتول اورنگي ٽائون جو رهواسي هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ميٽرو يل سائٽ جي رهواسي جوابدار زبير ڇرين جا وار ڪري سردار محمد کي قتل ڪيو، مقتول ۽ قاتل جو پاڻ ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي جو معاملو هلندڙ هو. پوليس دعوى ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري هٿ ڪئي آهي. ٻئي پاسي ملير سٽي مان پوليس اهلڪار جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ ڪانسٽيبل خالد نسيم طور ٿي آهي جيڪو سيڪيورٽي زون ون ۾ مقرر هو. پوليس موجب، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
36 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون