- Advertisement -
ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراواغا ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.
ترجمان موجب پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
