تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود ۽ عامر يامين کان پيسا وٺندڙ سنڌ پوليس جي چئن اهلڪارن معطل ڪري گرفتار ڪري ڪيس داخل

- Advertisement -
پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود ۽ عامر يامين کان پيسا وٺندڙ سنڌ پوليس جي چئن اهلڪارن معطل ڪري گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽر عامر يامين ۽ صهيب مقصود سوشل ميڊيا تي سڪرنڊ پوليس طرفان مبينا رشوت طلب ڪرڻ بابت پوسٽ ڪئي هئي. اهڙي پوسٽ جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي. ايس ايس پي حيدر رضا موجب آءِ جي سنڌ جي حڪم تي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. قومي ڪرڪيٽرن کان پيسا وٺڻ واري معاملي تي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد انڪوائري رپورٽ تياري ڪري ورتي آهي. هن چيو ته صهيب مقصود کان مبينا طور رقم وٺڻ جو واقعو نوابشاهه جي علائقي ڪيريا اسٽاپ وٽ پيش آيو، ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن جون تصويرون ڪرڪيٽر صهيب مقصود ڏانهن موڪليون ويون آهن. ايس ايس پي چيو ته رقم وٺڻ ۾ ملوث اهلڪارن خلاف کاتي واري ڪارروائي ڪئي ويندي، کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ پوليس جي ترجمان موجب سڪرنڊ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر کي معطل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد موجب گرفتار چئني اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
31 %
3kmh
64 %
ڇنڇر
18 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون