تازه ترين

پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود ۽ عامر يامين کان پيسا وٺندڙ سنڌ پوليس جي چئن اهلڪارن معطل ڪري گرفتار ڪري ڪيس داخل

پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود ۽ عامر يامين کان پيسا وٺندڙ سنڌ پوليس جي چئن اهلڪارن معطل ڪري گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪرڪيٽر عامر يامين ۽ صهيب مقصود سوشل ميڊيا تي سڪرنڊ پوليس طرفان مبينا رشوت طلب ڪرڻ بابت پوسٽ ڪئي هئي.

اهڙي پوسٽ جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

ايس ايس پي حيدر رضا موجب آءِ جي سنڌ جي حڪم تي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

قومي ڪرڪيٽرن کان پيسا وٺڻ واري معاملي تي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد انڪوائري رپورٽ تياري ڪري ورتي آهي.

هن چيو ته صهيب مقصود کان مبينا طور رقم وٺڻ جو واقعو نوابشاهه جي علائقي ڪيريا اسٽاپ وٽ پيش آيو، ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن جون تصويرون ڪرڪيٽر صهيب مقصود ڏانهن موڪليون ويون آهن.

ايس ايس پي چيو ته رقم وٺڻ ۾ ملوث اهلڪارن خلاف کاتي واري ڪارروائي ڪئي ويندي، کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب سڪرنڊ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر کي معطل ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد موجب گرفتار چئني اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون