تازه ترين

هر پارٽي پنهنجو منشور کڻي چونڊ مهم هلائي ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هر پارٽي پنهنجو منشور کڻي چونڊ مهم هلائي ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، فيبروري ۾ پ پ عام چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پ پ طرفان وزيراعظم جو اميدوار هوندو.

هن چيو ته چونڊن کانپوءِ اتحادين سان گڏجي نمبر گيم پوري ڪئي ويندي، بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آصفه ڀٽو به چونڊ مهم ۾ حصو وٺندي.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪ کي شفاف چونڊن جي ضرورت آهي، اميد ته اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت صاف شفاف چونڊون ڪرائيندي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ڪجهه تڪن تي سيٽ ايڊجسٽمنيٽ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ن ليگ سدائين ادارن کي سياست ۾ گِـهِليو، نوازشريف ووٽ کي عزت ڏيو وارو موقف ايون فيلڊ ڇڏي آيو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون