پي ٽي آءِ چيئرمين انٽرا پارٽي اليڪشن تان هٿ کڻي ويو، بئريسٽر گوهر پارٽي چونڊ ۾ چيئرمين جو اميدوار هوندو

- Advertisement -
پي ٽي آءِ چيئرمين انٽرا پارٽي اليڪشن تان هٿ کڻي ويو، بئريسٽر گوهر پارٽي چونڊ ۾ چيئرمين جو اميدوار هوندو. بئريسٽر گوهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي اليڪشن جو حڪم ڏنو، پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم اليڪشن ڪميشن وئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن زباني فيصلو لکت ۾ تبديل ڪيو، هو ڇنڇر ڏينهن انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائيندا. علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ئي اصل پي ٽي آءِ آهي، هو انٽرا پارٽي اليڪشن نه پيو وڙهي، پر هن منظوري ڏني آهيي، پارٽي چيئرمين لاءِ بئريسٽر گوهر جو نالو فائنل ٿيندو آهي. ان موقعي تي بئريسٽر گوهر چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين جو ٿورائتو آهي، جنهن پارٽيءَ جي چيئرمين شپ لاءِ سندس نالي جي منظوري ڏني. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ هجي يا ٻاهر، اهو ئي سندن ليڊر آهي، سندس باعزت واپسيءَ تائين هو ذميواريون نڀائيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
31%
2.4m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون