تازه ترين

پنجاب جي علائقي ماڇڪي ۾ هٿياربندن هٿان عورت ۽ ٽن پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻن جي قتل کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي

- Advertisement -
پنجاب جي علائقي ماڇڪي ۾ هٿياربندن هٿان عورت ۽ ٽن پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻن جي قتل کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي جڏهن ته ٽن اهلڪارن سميت اٺن ڄڻن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. اربع ڏينهن ماڇڪو جي علائقي ڳوٺ حسين سولنگي ۾ ڪمند جي ڪٽائي دوران سولنگي برداري جي ماڻهن مٿان سيلرا، ڪوش ۽ شر برادري جي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا هئا. فائرنگ جي نتيجي ۾ سيلرا جي هڪ حميده سيلرو، سولنگي برادري جا ڄڻا قابل سولنگي، پرويز، شعبان، شهزادو ۽ وزير احمد سولنگي قتل ٿي ويا هئا جنهن بعد ماڇڪو پوليس جي وڏي نفري ۽ سولنگي برادري جي هٿياربند  ڳوٺاڻا ڏوهارين کي ڪمند ۾ گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو هو. پوليس مقابلي دوران ٽي پوليس اهلڪار محمد قاسم،  ڄام ارشاد علي ۽ غلام حسين  شهيد ٿي ويا هئا جڏهن ته چار ڏوهاري عمرو شر، ڪرمو ڪوش، لالو عرف رحم دين  سيلرو ۽  علي نواز شر به مارجي ويا هئا. جهيڙي ۽ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن جو انگ 13  ٿي ويو هو. شهيد پوليس اهلڪار غلام حسين جو لاش ڏوهارين جي قبضي ۾ آهي ۽ هڪ ڏوهاري عمرو شر جو لاش ماڇڪو پوليس وٽ آهي جن جا مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن. ٻن شهيد پوليس اهلڪارن ڄام ارشاد ۽ محمد قاسم جي جنازي نماز رحيم يار خان پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيد اهلڪارن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻنهي شهيد اهلڪارن کي سرڪاري اعزاز ۾  اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سولنگي برادري جي هڪ ئي گهر جي پنجن ڀاتين جي جنازه نماز ڳوٺ حسين سولنگي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز چانگ، اي ايس پي صادق آباد بنگل بگٽي، سولنگي برادري جي سردار عباس خان سولنگي سميت ڳوٺاڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد پنجن ئي نوجوانن جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
47 %
2.7kmh
53 %
اڱارو
25 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون