- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي رڳو پارٽي نه پر هڪ تحريڪ آهي، هو باني چيئرمين شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نامڪمل مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، قائد عوام شهيد ڀٽو پنهنجي پارٽي جو بنياد سياسي تدبر ۽ دور انديشي تي رکيو هو.
پيپلز پارٽي جي 56هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو جي ويزن تي عمل ڪندي کين هڪ خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان تعمير ڪرڻو آهي، هڪ اهڙو پاڪستان جنهن ۾ سڀني جي حقن ۽ مفادن جو هڪجهڙو خيال رکيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو ملڪ ۾ آمريت، مرڪزيت پسند سوچ ۽ انتهاپسندي خلاف سڄي زندگي مزاحمت ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو عوام جي بنيادي حقن جي حفاظت ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فڪر ڀٽو ۽ شهيد راڻي جو فلسفو ۽ ويزن سندن لاءِ مشعل راهه آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري، ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ بي لغام صدارتي اختيارن کي پارليامينٽ کي منتقل ڪرڻ صدر آصف علي زرداري جو ويزن آهي.
هن چيو ته بلوچستان جي حقن جي شروعات، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ پاڪستان کپي به آصف علي زرداري جي ويزن جا قدم آهن، هو صدر زرداري جي ويزن کي اڳتي کڻي هلندا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو جمهوريت خاطر قيد، جلاوطني ۽ ڪوڙا کائيندڙ جيالن کي سلام ۽ ڦاهيءَ جو ڦندو چمڻ وارن جيالن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، پيپلز پارٽي پنهنجي عظيم ڪارڪنن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏيندي هو هڪ ڀيرو ٻيهر والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جو اظهار ۽ سندن آزادي واري حق جي ڀرپور حمايت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته هو اهو ڪڏهن نه وساريندا ته پيپلز پارٽي جو بنياد ڪشمير مسئلي تي رکيو ويو هو، والاريل وادي کي ڀارتي تسلط کان آزادي تائين پ پ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪندي رهندي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن هر جيالي لاءِ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي 22 ڪروڙ عوام جي مهانگائي کان ڇوٽڪاري، بيروزگاري ۽ غربت جي زنجيرن کان آزادي جي ضمانت آهي، سندن حوصلا بلند آهن، پيپلز پارٽي جي سوڀ يقيني آهي ڇو ته ملڪ جا نوجوان هاڻي پ پ سان گڏ ميدان ۾ ڄمي بيٺل آهن.- Advertisement -
