- Advertisement -
باليووڊ جي ناليواري اداڪارا راني مکرجي انڪشاف ڪيو آهي ته”2006“ ۾ رليز ٿيل فلم ”ڪبهي الوداع نه کهنا“ کانپوءِ ڀارت ۾ گهڻيون طلاقون ٿيون .
راني مکرجي گووا ۾ منعقد ڪيل 54 هين انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پنهنجي فلم ”ڪبهي الوداع نه کهنا“ جي معاشري تي پوندڙ اثرن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي .
راني مکرجي چيو ته سندس خيال ۾ فلم ”ڪبهي الوداع نه کهنا“ جي رليز ٿيڻ بعد گهڻيون طلاقون ٿيون، گهڻا ماڻهو ٿيٽر وڃي رهيا هئا ۽ انتهائي تڪليف ۾ اها فلم ڏسي رهيا هئا ڇو ته انهن جي زندگي ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو.
راني مکرجي چيو ته کيس لڳي ٿو ته فلم جي هدايت ڪار ڪرن جوهر کي به ان فلم تي اهو ئي رد عمل مليو، ان فلم ڪيترن ئي ماڻهن جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ پوءِ انهن ماڻهن هڪ ڏکيو فيصلو ڪري پنهنجي زندي خوشي سان گذارڻ جو فيصلو ڪيو .
واضح رهي ته فلم ”ڪبهي الوداع نه کهنا“ 2006 ۾ رليز ٿي هئي، فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ شاهه رخ خان، راني مکرجي، پريتي زنٽا، اڀيشڪ بچن ۽ اميتاب بچن شامل هئا…- Advertisement -
