- Advertisement -
لکي غلام شاهه ويجهو مبينا مقابلي ۾ پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي.
ڳوٺ ٿانهريو ويجهو سنڌ واهه وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري واحد جتوئي زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڏوهاري واحد جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ڏوهاري مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو.- Advertisement -
