- Advertisement -
اطلاعات کاتي سنڌ جي نگران وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته معاشرو بنجر بڻجي ويو آهي، معذور ٻارڙن جي تعليم لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا .
ڪراچي ۾ معذور ٻارڙن جي لاءِ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو ته معذور ٻار تمام گهڻا ذهين آهن، اهو شهر ڪيئن سڌريل چئبو جيڪو پنهنجي ٻارڙن جو خيال نه رکي سگهي .
هن چيو ته تعليم کي ڪمرشل انسٽيٽيوٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، معذور ٻارڙن جي تعليم بابت ٺاهيل قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو .
سندس چوڻ هو ته معذور ٻارڙن جي فن جي نمائش لاءِ مستقل بندوبست ڪيو ويندو ۽ سندن ڪم ماڻهن تائين پهچايو ويندو ۽ کين احساس ٿيندو هو دنيا ۾ ڪجهه ڪري سگهن ٿا.
اطلاعات کاتي سنڌ جي نگران وزير محمد احمد شاهه چيو ته اهڙا پروگرام ٻارڙن لاءِ عيد جيان هوندا آهن ۽ هر شهر ۾ اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن .- Advertisement -
