- Advertisement -
ناڻي واري وزارت عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.
پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزارت ان کان اڳ 10 ارب رپيا جاري ڪيا هئا ۽ هاڻي مجموعي وطر 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ٿي چڪا آهن.
بجيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا هئا، اليڪشن ڪميشن فنڊ جاري نه ٿيڻ تي سومر ڏينهن ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪيو هو.- Advertisement -
