- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ پ پ سنڌ جي پارلياماني بورڊ جو بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، نثار کهڙي، مراد علي شاهه، ناصر شاهه، سعيد غني، وقار مهدي، عاجز ڌامراهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران پارلياماني بورڊ پاران بلاول ڀٽو زرداري کي ٽڪيٽن جي ورڇ بابت تجويزون پيش ڪيون ويون.
اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن لاءِ پارٽي عهديدارن کي تياريون تيز ڪرڻ جون هدايت ڪيون.
اجلاس دوران 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي موقعي تي رٿيل جلسي ۽ انتظامن بابت تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو..- Advertisement -
