- Advertisement -
ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
فائرنگ دوران 26 ورهين جو سپاهي احمد علي بهادريءَ سان وڙهندي فوت ٿي ويو، سندس تعلق چارسده سان هو.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي امڪاني موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.
ترجمان چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، جوانن جون قربانيون سندن ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
