- Advertisement -
ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جو مڙهه سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي پوليس لائن ۾ شهيد اهلڪار خالد حسين ابڙي جي ڌار ڌار جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي لاڙڪاڻو عبدالرحيم شيرازي، ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ روحل کوسو، ڊي سي ڪشمور –ڪنڌڪوٽ امير افضل اويسي، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر جميل احمد، وارثن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيد اهلڪار جو مڙهه اباڻي ڳوٺ عثمان خصن جماراڻي جي قبرستان ۾ سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد جوان جي قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس شهيد ۽ ٻه رينجرز اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا.- Advertisement -
