تازه ترين

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي عام چونڊن ۾ فتح جو اعلان هو: نيئر بخاري

- Advertisement -
پ پ پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي تاريخي ڪاميابي عام چونڊن ۾ فتح جو اعلان هو، سڀني کان پهريان چونڊن جو مطالبو ڪندڙ پيپلز پارٽي هر تڪ تي اميدوار فائنل ڪري ورتا آهن، پ پ جو نعرو آهي گهري رهيو آهي هر انسان اٽو، لٽو ۽ اجهو، بلاول ايندو روزگار آڻيندو، پ پ پارليمان ۾ اڪثريتي پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو، سياسي استحڪام ۾ ئي معاشي استحڪام ممڪن آهي. جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بلوچستان ۾ پارٽي سالگرهه جلسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي جلسن جي ياد تازي ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته اميد پاڪستان نوجوان قائد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ ٻيهر جلسن کي خطاب ڪندو،  سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي تاريخي ڪاميابي عام چونڊن ۾ فتح جو اعلان هو. پ پ پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته جيالا نڪري پيا آهن پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجو پورو حصو حاصل ڪندي، پ پ صوبائي لسانيت جي خلاف ۽ وفاق جي پارٽي آهي، پيپلز پارٽي خلاف هڪ ٻئي جا دشمن اقتدار جي بکين جو غير فطري اتحاد ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي قومي عوامي خدمت، ڪارڪردگي ۽ شهيد ڀٽو جي فلسفي ۽ منشور سان عوام آڏو پيش ٿيندي آهي، پ پ سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديلي بدران برداشت کي هٿرائيندڙ پارٽي آهي. پ پ پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته پيپلز پارٽي بيساکين ۽ سهارن بدران عوام جي طاقت يقين رکي ٿي، سڀني کان پهريان چونڊن جو مطالبو ڪندڙ پيپلز پارٽي هر تڪ تي اميدوار فائنل ڪري ورتا آهن، پ پ جو نعرو آهي گهري رهيو آهي هر انسان اٽو، لٽو ۽ اجهو، بلاول ايندو روزگار آڻيندو، پ پ پارليمان ۾ اڪثريتي پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
46 %
2.3kmh
44 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون