- Advertisement -
توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌريءَ جو جيل ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جي باني ۽ فواد چوڌريءَ خلاف ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن محفوظ فيصلو ٻڌايو.
اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت ۽ قانون واري وزارت جي راءِ کانپوءِ ٽرائل جو فيصلو ڪيو، اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري خلاف فرد جرم جي ڪارروائي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن طرفان گهرو وزارت کي ٻن ڏينهن ۾ انتظام مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پي ٽي آءِ جي باني تي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ فرد جرم تيرهن ڊسمبر تي لاڳو ٿيندي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪشن ڪميشن طرفان جيل ۾ ٽرائل ڪيو ويندو- Advertisement -
