تازه ترين

پاڪستان اسرائيل کي ڌمڪي ڏئي ته غزه جنگ ختم ٿي سگهي ٿي: حماس

- Advertisement -
پاڪستان اسرائيل کي ڌمڪي ڏئي ته غزه جنگ ختم ٿي سگهي ٿي: حماس حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه چيو آهي ته پاڪستان اسرائيل کي ڌمڪي ڏئي ته غزه جنگ ختم ٿي سگهي ٿي . مجلس اتحاد امت پاڪستان جي انتظام هيٺ اسلام آباد جي جناح ڪنونشن سينٽر ۾ حرمت اقصيٰ ڪانفرنس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي اسماعيل هانيه چيو ته دنيا ۾ مسلمانن جا سڀني کان وڏا دشمن يهودي آهن، ان جنگ ۾ سندن 20 هزار ٻارڙا، عورتون ۽ مرد شهيد ٿي چڪا آهن. اسماعيل هانيه جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي، جيڪڏهن پاڪستان اسرائيل کي ڌمڪي ڏئي ته جنگ ختم ٿي سگهي ٿي، پاڪستان مان کين گهڻيون اميدون آهن، پاڪستان اسرائيل کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته هو هن وقت اسرائيل جي جديد ترين هٿيارن کي تباهه ڪري رهيا آهن، کين اميد آهي ته هو ڪامياب ٿيندا ۽ اسرائيل پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
41 %
0.8kmh
33 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون