- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٽيڪسٽائيل صنعت لاءِ گيس جي قيمت وڌائڻ خلاف درخواست تي گيس جي قيمت وڌائڻ جو ايس ايس جي سي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي سوئي سدرن گيس ڪمپني ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ نگران حڪومت طرفان ٽيڪسٽائيل صنعت لاءِ گيس جي قيمت وڌائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
درخواست ڏيندڙ چيو ته ايس ايس جي سي 8 نومبر 2023ع تي ٽيڪسٽائيل صنعتن کي فراهم ڪيل قدرتي گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، نگران حڪومت کي گيس جي قيمتن ۾ اضافي جو اختيار ناهي.
عدالت ايس ايس جي سي طرفان گيس جي قيمت وڌائڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت جو چوڻ آهي ته گيس جي قيمت جي اضافي جي نوٽيفڪيشن جي معطلي رڳو درخواستن تي لاڳو ٿيندي.
عدالت پاران ايس ايس جي سي ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.
عدالت جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائيل صنعتون اضافي بل ناظر سنڌ هائيڪورٽ وٽ جمع ڪرائن، منع نامو انهن صنعتن لاءِ آهي جيڪي ستن ڏينهن ۾ اضافي رقم ناظر سنڌ هائيڪورٽ وٺ جمع ڪرائينديون.
عدالت چيو ته جيڪڏهن ٻن گيس بلن جي اضافي رقم ناظر سنڌ هائيڪورٽ وٽ جمع نه ڪرائي وئي ته منع نامو ختم ٿي ويندو، درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين بلن جي اضافي رقم ناظر سنڌ هائيڪورٽ وٽ جمع رهندي.
عدالت چيو ته گيس جي قيمت ۾ اضافي کان اڳ ٽيرف موجب درخواست ڏيندڙ ريگولر بل ادا ڪندا رهن.- Advertisement -
