- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ڏک سک ۾ گڏ هوندي آهي، ڀٽو خاندان جا مخدوم خاندان سان پراڻا ۽ دل وارا رشتا آهن، اڄ شادي ۾ شرڪت ڪري انتهائي خوشي ٿي آهي.
سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي فرزند اڳوڻي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي وليمي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مخدوم محبوب الزمان کي شادي جون مبارڪون ڏنيون.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ڏک سک ۾ گڏ هوندي آهي، ڀٽو خاندان جا مخدوم خاندان سان پراڻا ۽ دل وارا رشتا آهن، اڄ شادي ۾ شرڪت ڪري انتهائي خوشي ٿي آهي…….- Advertisement -
