- Advertisement -
اسلام آباد سميت پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ٻين علائقن ۾ صبح سوير 5 لڳي 32 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4 ڏهائي 4 جڏهن ته اونهائي 11 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته مرڪز ڪشمير جو ڏکڻ اولهه وارو علائقو هو.
زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو جڏهن ته ڪلمي جو ورد ڪندا گهر کان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلي کانپوءِ ريسڪيو ٽيمن کي الرٽ ڪيو ويو جيڪي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، آخري اطلاعن تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع سامهون نه اچي سگھيا هئا.- Advertisement -
