اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ڪيس جو ستن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي 19 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ڪيس جو ستن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ڪنهن به انٽيليجنس ايجنسي کي ٽيليفون ڪالز رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني. حڪمنامي موجب، اٽارني جنرل چيو ته سمورن شهرين جي پرائيويسي ۽ حقن جو تحفظ ضروري آهي، سوشل ميڊيا تي آڊيو ليڪس ڪنهن جاري ڪيا؟ ايف آءِ اي جواب ڏيڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. عدالت چيو ته ايف آءِ اي آڊيو ليڪس جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي تفصيل سان گڏ رپورٽ پيش ڪري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿي ٻڌائي ته فون ڪالز جي نگراني ۽ رڪارڊنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمنامي ۾  لکيل آهي آءِ ايس آءِ، بچاءَ واري وزارت ذريعي آڊيو ليڪس بابت پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي، رپورٽ موجب آءِ ايس آءِ وٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل معلومات جي ذريعن جو اندازو لڳائڻ جي ٽيڪنالاجي ناهي، انٽيليجنس بيورو انڪوائري ڪري رپورٽ رپورٽ پيش ڪري آڊيو ليڪس ڪهڙن اڪائونٽس تان آڊيو شيئر ڪيون ويون. عدالت حڪم ڏنو ته غير قانوني رڪارڊ ڪيل ڪالز جي آڊيو شيئر ڪندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي جي آءِ بي ٻڌائي ته پاڪستاني شهرين جي نگراني ڪير ڪري سگهي ٿو؟ اهو به ٻڌايو ته ڇا پاڪستان جي رياست وٽ غير قانوني نگراني کان محفوظ رهڻ جي صلاحيت آهي؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون