- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهرين 2018ع ۾ لاڏلو هاڻي معصوم چئي مڙهيو پيو وڃي، پر ائين نه ٿيندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري لاڏلي کي مڙهيو ويو هو، اليڪشن چوري ڪري لاڏلي کي آندو ويو، جڏهن لاڏلي خلاف بي اعتمادي رٿ آئي ته هن آئين ٽوڙيو، بي اعتمادي رٿ آڻڻ ڪنهن به قسم جي سازش ناهي هوندي.
هن چيو ته جلسي ۾ سائفر لوڏي سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، بند ڪمري ۾ چيو ويو ته سائفر معاملي تي سياست ڪرڻي آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته جنهن شخص آئين ٽوڙيو ان کي معصوم چيو پيو وڃي، پهريان لاڏلو ۽ هاڻي معصوم چئي مڙهيو پيو وڃي، پر ايئن نه ٿيندو.
ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته هي معصوميت ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙويي ويو، ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو ويو، عوام نوازشريف ۽ شهبازشريف کي چاهن ٿا، نوازشريف وٽ تجربيڪار ٽيم آهي، اهو تماشو هاڻي نه هلندو.
مريم اورنگزيب چيو ته هڪ شخص جيل ۾ آهي ان تي سنگين الزام آهن، ڪو ڏسي رهيو آهي يا نه پر لطيف سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي، 8 فيبروري تي عوام فيصلو ڪندو ته کيس ڪهڙي قيادت گهرجي…….- Advertisement -
