پ پ سينيٽر شيري رحمان، اسرائيل طرفان غزا تي 2 هزار پائونڊ وزني بم ڪيرائڻ جي سخت مذمت ڪئي

- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان، اسرائيل طرفان غزا تي 2 هزار پائونڊ وزني بم ڪيرائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته نيويارڪ ٽائمز  جي جاچ رپورٽ موجب اسرائيل ڏکڻ غزا تي وڌيڪ 2 هزار پائونڊ وزني بم ڪيرائي رهيو آهي. هن چيو ته انهن هنڌن تي ڳرا بم ڪيرايا پيا وڃن، جتي اسرائيل پاڻ فلسطيني شهرين کي حفاظت لاءِ منتقل ٿيڻ جو چيو هو. شيري رحمان چيو ته ڳــُـتيل  آبادي تي 2 هزار پائونڊ وزني بم ويجهي ماضيءَ ۾ ڪنهن به جنگ ۾ استعمال نه ٿيا. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اسرائيل هڪ منظم منصوبي تحت فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، حماس جي آڙ ۾ فلسطينين جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. شيري رحمان چيو ته هيل تائين غزا ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جن مان 8 هزار 76 ٻار ۽ 6 هزار کان وڌيڪ عورتون شامل آهن. پ پ سينيٽر چيو ته گڏيل قومن موجب غزا جي پنجن ورهين کان گهٽ عمر جا 10 هزار ٻار ايندڙ هفتن ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندا. شيري رحمان چيو ته ان نسل ڪشيءَ کي روڪڻ لاءِ اسرائيل ۽ عالمي دنيا کي وڌيڪ ڪيترن ٻارن ۽ عورتن جا لاش گهرجن؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون